باگو ديرو

باگو ديرو: لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي قنبر جي هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آهن: ’باگو ديرو‘، ’سجاول‘، ’فضل‘، ’راهوجا‘، ’علي محمد گاڏهي‘، ’علي شير کوسو‘، ’وزير شيخ‘ ۽ ’هوندو مغيري‘. ڳوٺ باگي ديري جي آبادي لڳ ڀڳ ٻه هزار آهي. هتي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو